پاڪستان عالمي سطح تي دٻاءَ جو شڪار آهي: مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ معاشي مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿي پر رنڊڪ وڌي پئي وڃي، پاڪستان عالمي سطح تي دٻاءَ جو شڪار آهي. پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان لاءِ لکين قربانيون ڏنيون ويون آهن، هاڻي کين  ملڪ ۾ انقلاب لاءِ نوان رستا ڳولڻا پوندا، عالمي سازشن خلاف ڄمي بيهڻو پوندو، فوج کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي معاشي بحران جو شڪار ڪرڻ حادثي جو بنياد ناهي ايتري معاشي تباهي حادثي جي بنياد تي نه ٿيندي آهي پر ان پويان ڪشمير جو ورهاڱو ۽ اسرائيل کي قبول ڪرڻ جو منصوبو تيار هو. سندس چوڻ هو ته ڪي پي ۾ هڪ حڪومت ٺاهي وئي جنهن صوبي جي روايت ۽ اسلامي قدرن جي لتاڙ ڪئي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال جو ذميوار رڳو پي ٽي آءِ چيئرمين ناهي پر پراجيڪٽ لانچ ڪندڙ قمر باجوه ۽ فيض حميد به آهن. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جي اشاري تي قبائلي علائقن ۾ آپريشن ڪري ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو، سڀني کي خبر آهي ته هدايتون ڪٿان مليون. سندس چوڻ هو ته افغانستان سان احترام  جو تعلق آهي، جذبات ۾ اچي فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، هر طرف پاڪستان تي دٻاءُ آهي، اسرائيل کي قبول ڪرائڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
24%
3.7m/s
0%
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون