تازه ترين

اسرائيلي فوج غزه جي الشفا اسپتال ۾ تباهي مچائڻ کانپوءِ ابن سينا اسپتال کي به فوري خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسرائيلي فوج غزه جي الشفا اسپتال ۾ تباهي مچائڻ کانپوءِ اولهه ڪناري جي شهري جنين ۾ ابن سينا اسپتال کي به فوري خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسرائيلي فوج طرفان جنين جي ابن سينا اسپتال جو گھيراءُ ڪري طبي عملي کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع به سامهون اچي رهيا آهن.

ٻئي پاسي غزه ۾ بجلي فون ۽ انٽرنيٽ جي سهولت اڃا تائين معطل آهي جڏهن ته اسرائيلي بمباري غزه شهر کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي.

اسرائيلي فوج جي ڊرون حملي ۽ فائرنگ ۾ 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين ساڍا يارنهن هزار فلسطيني شهيد ۽ 25 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

ٻئي پاسي اسرائيل طرفان غزه ۾ الشفا اسپتال جو گھيراءَ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

گڏيل قومن موجب، اسرائيلي فوج الشفا اسپتال جو ڪارڊيالوجي ڊپارٽمينٽ مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏي آهي.

الشفا اسپتال ڊائريڪٽر موجب، اسپتال جي آءِ سي يو ۾ هاڻي ڪوبه مريض زنده ناهي بچيو، اسپتال ۾ هڪ رات دوران 22 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا.

هوڏانهن اسرائيل جا غزه تي حملا جاري آهن، اسرائيلي حملن ۾ جباليه پناهگير  ڪيمپ ۾ 11 ۽ خان يونس ۾ ٻار سميت 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

غزه ۾ انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي رابطا ڪاري جي سهولت نه هئڻ سبب فوتين ۽ زخمين جو اصل مجموعي انگ واضع ناهي ٿي سگھيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
6.2kmh
38 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون