اسرائيلي فوج غزه جي الشفا اسپتال ۾ تباهي مچائڻ کانپوءِ ابن سينا اسپتال کي به فوري خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
اسرائيلي فوج غزه جي الشفا اسپتال ۾ تباهي مچائڻ کانپوءِ اولهه ڪناري جي شهري جنين ۾ ابن سينا اسپتال کي به فوري خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسرائيلي فوج طرفان جنين جي ابن سينا اسپتال جو گھيراءُ ڪري طبي عملي کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع به سامهون اچي رهيا آهن. ٻئي پاسي غزه ۾ بجلي فون ۽ انٽرنيٽ جي سهولت اڃا تائين معطل آهي جڏهن ته اسرائيلي بمباري غزه شهر کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي. اسرائيلي فوج جي ڊرون حملي ۽ فائرنگ ۾ 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين ساڍا يارنهن هزار فلسطيني شهيد ۽ 25 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي اسرائيل طرفان غزه ۾ الشفا اسپتال جو گھيراءَ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن موجب، اسرائيلي فوج الشفا اسپتال جو ڪارڊيالوجي ڊپارٽمينٽ مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏي آهي. الشفا اسپتال ڊائريڪٽر موجب، اسپتال جي آءِ سي يو ۾ هاڻي ڪوبه مريض زنده ناهي بچيو، اسپتال ۾ هڪ رات دوران 22 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا. هوڏانهن اسرائيل جا غزه تي حملا جاري آهن، اسرائيلي حملن ۾ جباليه پناهگير  ڪيمپ ۾ 11 ۽ خان يونس ۾ ٻار سميت 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزه ۾ انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي رابطا ڪاري جي سهولت نه هئڻ سبب فوتين ۽ زخمين جو اصل مجموعي انگ واضع ناهي ٿي سگھيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
24%
3.7m/s
0%
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون