- Advertisement -
ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش سميت 5 ملڪن اسرائيل حماس جنگ جي جاچ لاءِ عالمي فوجداري عدالت سان رابطو ڪري ورتو.
فلسطين جي صورتحال جي جاچ جو مطالبو ڪندڙ ملڪن ۾ بوليويا، جبوتي ۽ ڏکڻ آفريڪي ملڪ ڪوموروس شامل آهن.
ان کان علاوه ڏکڻ آفريڪا جي صدر راما فوسا جو چوڻ هو ته هنن شڪايت اسرائيلي جنگي ڏوهن جي جاچ لاءِ داخل ڪرائي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل غزه جي پٽي ۾ جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسپتالن ۽ انفرا اسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ويو.
صدر راما فوسا وڌيڪ چوي ته هزارين فلسطيني جان وڃائي ويٺا آهن، کيس يقين آحي ته عالمي فوجداري عدالت اسرائيلي جنگي ڏوهن جي جاچ ڪندي.- Advertisement -
