- Advertisement -
خانپور مهر ۾ هٿياربندن نادرا آفيس جي انچارج کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا.
هٿياربندن جي حملي ۾ گوليون لڳڻ سبب نادرا آفيس خانپور مهر جو انچارج قربان سوڍڙو زخمي ٿي پيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي کڻائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته زخمي کي 3 کان 4 گوليون لڳل آهن.- Advertisement -
