تازه ترين

شهباز شريف ۽ احد چيما سميت 10 جوابدار آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس مان بري

لاھور جي عدالت آشيانھ ھائوسنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف سميت ڏھن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

احتساب عدالت ۾ آشيانھ ھائوسنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل ۽ نيب پنھنجون رپورٽون پيش ڪري ڇڏيون.

نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس تي لاڳو نه ٿي رهيو آهي جنھن تي عدالت چيو تھ بريت جي درخواستن تي ٻن ڪلاڪن تائين فيصلو ڏنو ويندو.

عدالت اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف، احد چيما ۽ فواد حسن فواد سميت ڏھن جوابدارن جي بريت بابت درخواستون منظور ڪندي کين بري ڪري ڇڏيو.

آشيانھ ھائوسنگ ريفرنس مان جوابدار نديم ضياءَ ۽ ڪامران ڪياني کي ڪيس مان پھريان ئي ڊسچارج ڪيو ويو ھو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
7.3 ° C
7.3 °
7.3 °
20 %
2.6kmh
83 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
12 °

تازه ترين خبرون