اسلام آباد ھائيڪورٽ سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاھھ محمود قريشي جي ضمانت رد ڪرڻ بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ھائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڏھن صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.
تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آھي تھ ڏوھھ لاءِ ڀڙڪائڻ، ڏوھھ جي سازش يا مدد ڪرڻ وارن کي مرڪزي ڏوھھ ڪرڻ واري جيان ئي ڏٺو ويندو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو تھ پي ٽي آءِ چيئرمين تي لڳل قلمن ۾ عمر قيد ۽ موت جي سزا آھي، شاھھ محمود قريشي کي بھ ان ئي نظر سان ڏٺو ويندو، بنا شڪ جي ضمانت سزا روڪڻ ناھي پر عمر قيد ۽ موت جي سزا وارن جوابدارن کي عدالتون ضمانت ڏيڻ ۾ احتياط کان ڪم وٺنديون آھن.
اسلام آباد ھائيڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو تھ اھڙي قسم جي ڪيسن ۾ جيستائين مضبوط جواز موجود نھ ھجي ضمانت نٿي ڏئي سگھي، ٽرائل پھريان ئي شروع آھي مناسب بيلنس ٽرائل ڪورٽ جلد ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي ھدايت سان ئي حاصل ٿي سگھي ٿو.
فيصلي ۾ چيو ويو آھي تھ 248 جي ڇوٽ رڳو آفيشل ڊيوٽي لاءِ آھي، شاھھ محمود قريشي تي جلسي ۾ تقرير جو الزام آھي اھو آفيشل ڊيوٽي ۾ نٿو اچي.
اسلام آباد ھائيڪورٽ جي تفصيلي فيصلي موجب، عدالت ضمانت رد ڪرڻ جي ھدايت ڪري ٿي تھ ٽرائل چئن ھفتن ۾ مڪمل ڪيو وڃي