خيبرپختونخوا جي ڏکڻ ضلعن ۾ پوليو کان بچاءَ جو ٻيو مرحلو 20 نومبر کان شروع ٿيندو جيڪو پنجن ڏينھن تائين جاري رھندو.
صحت واري وزارت موجب، پوليو کان بچاءَ جي مھم ٽن مرحلن ۾ ھلائي پئي وڃي جنھن جو پھريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آھي.
صحت واري وزارت جو چوڻ آھي تھ پوليو کان بچاءَ جو ٻيو مرحلو 20 نومبر کان 24 نومبر تائين خيبرپختونخوا جي ڇھن ضلعن ۾ پنجن سالن تائين عمر جي 11 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا.
صحت واري وزارت موجب، ٽئي مرحلي ۾ پوليو کان بچاءَ جي مھم سڄي ملڪ ۾ ھلائي ويندي جيڪا 27 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين جاري رھندي.
صحت واري وزارت جو چوڻ آھي تھ مھم لاءِ تربيت يافتھ پوليو ورڪرن جون ٽيمون جوڙيون ويون آھن جيڪي گھر گھر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارينديون.
صحت کاتي جي ترجمان موجب، طبي ماھر ۽ عالم سڳورا بھ پوليو ويڪسين کي ھلال ۽ انتھائي ضرور قرار ڏئي چڪا آھن ان لاءِ والدين پنھنجي ٻارن کي پوليو ويڪسين لازمي پيارن تھ جيئن ھو پوليو وائرس کان محفوظ رھن ڇو تھ فيصلو اڄ ڪرڻو آھي جيڪڏھن ٻار کي سڀاڻي ھلڻو آھي.