اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات

- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي جنھن دوران عام چونڊن ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت عالمي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون. جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي جنھن ۾ مسلم ليگ نون جي سينيئر نائب صدر مريم نواز بھ شرڪت ڪئي. ملاقات دوران عام چونڊن ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت عالمي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف غزا ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ بيگناھھ فلسطينين جي شھادتن جي مسئلي کي اجاگر ڪيو ۽ فوري طور جنگ بندي تي زور ڀريو. نواز شريف غزا ۾ جنگ ۽ ھٿين خالي فلسطينين جي شھادت جو سلسلو فوري طور روڪڻ جو مطالبو ڪندي متاثر عوان کي فوري طور طبي ۽ انساني امداد جي فراھمي تي بھ زور ڏنو. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم نواز شريف سان آمريڪي ترجيحن بابت ڳالھيون ڪيون ۽ ملاقات دوران خوشگوار ماحول ۾ ڳالھين تي نواز شريف جا ٿورا مڃيا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
37%
2.8m/s
28%
اربع
23 °
خميس
29 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون