اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي جنھن دوران عام چونڊن ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت عالمي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي جنھن ۾ مسلم ليگ نون جي سينيئر نائب صدر مريم نواز بھ شرڪت ڪئي.
ملاقات دوران عام چونڊن ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت عالمي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف غزا ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ بيگناھھ فلسطينين جي شھادتن جي مسئلي کي اجاگر ڪيو ۽ فوري طور جنگ بندي تي زور ڀريو.
نواز شريف غزا ۾ جنگ ۽ ھٿين خالي فلسطينين جي شھادت جو سلسلو فوري طور روڪڻ جو مطالبو ڪندي متاثر عوان کي فوري طور طبي ۽ انساني امداد جي فراھمي تي بھ زور ڏنو.
آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم نواز شريف سان آمريڪي ترجيحن بابت ڳالھيون ڪيون ۽ ملاقات دوران خوشگوار ماحول ۾ ڳالھين تي نواز شريف جا ٿورا مڃيا