تازه ترين

ڪاش سٺي ڪرڪيٽر سان گڏ سٺو مڙس ۽ پيءُ به هجي ها: محمد شامي جي گهرواري حسين جهان

ڀارتي ڪرڪيٽر محمد شامي جي گهرواريءَ حسين جهان چيو آهي ته ڪاش سٺي ڪرڪيٽر سان گڏ سٺو مڙس ۽ پيءُ به هجي ها.

واضح رهي ته محمد شامي هن وقت تائين ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ 23 وڪيٽون وٺي چڪو آهي ۽ پنهنجي بهترين بالنگ ذريعي ايوينٽ ۾ ٽيم انڊيا کي ڪيتريون ئي ميچون کٽرائي چڪو آهي، محمد شامي نيوزلينڊ خلاف سيمي فائنل ۾ 57 رنسون ڏئي 7 وڪيٽون وٺي مين آف دي ميچ جو اعزاز ماڻيو.

ڀارتي ميڊيا شامي جي گهرواري حسين جهان جو انٽرويو ڪيو ۽ سندس ڪارڪردگيءَ تي راءِ ورتي.

حسين جهان چيو ته خوشي آهي ته ڀارت جي ٽيم فائنل ۾ پهتي آهي، اميد آهي ۽ الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هيءُ ورلڊ ڪپ سندن ملڪ جي نالي رهي.

پنهنجي مڙس بابت سوال تي هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ ڳالهيون ايندين آهن ته شامي جيترو سٺو ڪرڪيٽر آهي ڪاش هو اوترو سٺو مڙس ۽ پيءُ هجي ها ته هو سٺي زندگي گهارين ها.

جهان حسين جو چوڻ هو ته شامي جي علطين، لالچ ۽ گند سان ڀريل دماغ جي ڪري کين اهي ڏينهن ڏسڻا ڏئجي رهيا آهن.

واضح رهي ته 2014 ۾ محمد شامي ماڊل حسين جهان سان شادي ڪئي هئي، 2019ع کان ٻنهي وچ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي.

ڪجهه عرصو اڳ حسين جهان محمد شامي تي تشدد ڪرڻ جا الزام هنيا هئا ۽ سندس ڀاءُ کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته محمد شامي الزامن جي ترديد ڪئي هئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
17 %
1.7kmh
40 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون