تازه ترين

حيدرآباد ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل قومپرست ڪارڪن مرڪ جان پيرزادو جو قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

حيدرآباد ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل قومپرست ڪارڪن مرڪ جان پيرزادو جو قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي، سندس وارثن جو چوڻ آھي تھ پوليس جاچ بابت آگاهه ڪيو آهي، برادري ۽ وڪيلن سان مشوري کانپوءِ ڪيس داخل ڪرايو ويندو، قطعي جاچ رپورٽ اچڻ کانپوءِ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو.

ناري مرڪ جان پيرزادو جو والد جان محمد، سندس چاچو عبدالحڪيم قريشي ۽ ٻيا ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نسيم نگر ٿاڻي تي پھچي ڊي ايس پي  منيشا روپيتا ۽  ايس ايڇ او عبدالوحيد پنھور سان ملاقات ڪري پنھنجو موقف ٻڌايو.

پوليس ناري جي وارثن کي سي ڊي آر رپورٽ سميت ٻيون رپورٽون ۽ جاچ بابت آگاھ ڪيو.

وارث ڪيس داخل ڪرائڻ بغير ٿاڻي تان واپس روانا ٿي ويا ۽ ھاڻي سومر ڏھاڙي ايس ايس پي امجد شيخ سان ملاقات ڪندا.

مرڪ جان پيرزادو جي والد جو چوڻ ھو تھ پوليس پنھنجيون ڳالھيون شيئر ڪيون آھن، ڪجھ جاچ پڻ ڪئي آھي، برادري ۽ وڪيلن سان صلاح مشورا ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

ھن چيو تھ پوليس سھڪار ڪري رھي آھي، اميد  تھ شفاف جاچ ٿيندي، قطعي رپورٽ اچڻ کانپوءِ پوءِ ئي سڀ ڪجھھ واضح ٿيندو.

سندس چوڻ ھو تھ سومر تي ايس ايس پي امجد شيخ سان ملاقات ٿيندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
17 %
1.7kmh
40 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون