- Advertisement -
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اليڪشن ڪميشن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آھي تھ ملڪ شفاف چونڊن طرف وڃي رهيو آهي ۽ پيپلز پارٽي چونڊن لاءِ مڪمل طور تيار آهي، اليڪشن ڪميشن تي مڪمل اعتماد آهي ته اها شفاف چونڊ ڪرائيندي، پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا هر قسم جي ماحول ۾ چونڊ وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿي، 8 فيبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون ايندي، ماحول عام چونڊن لاءِ سازگار آهي، الڪيشن وقت تي ٿيڻ گهرجي.
جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو تھ ملڪ شفاف چونڊن طرف وڃي رهيو آهي ۽ پيپلز پارٽي چونڊن لاءِ مڪمل طور تيار آهي.
سندس چوڻ ھو تھ کيس اليڪشن ڪميشن تي مڪمل اعتماد آهي ته اها شفاف چونڊ ڪرائيندي، پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا هر طرح جي ماحول ۾ چونڊ وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو تھ کيس پورو يقين آھي تھ 8 فيبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون ايندي، ملڪ جو ماحول ھن وقت عام چونڊن لاءِ سازگار آهي، الڪيشن وقت تي ٿيڻ گهرجي.- Advertisement -
