سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ٻارن جي عالمي ڏهاڙي تي اسرائيلي بمباري ۾ فلسطيني ٻارن جي قتل عام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
ڪراچي ۾ سوشل ويلفئير ڊپارٽمينٽ پاران ٻارن جي عالمي ڏينهن تي واڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نگران وڏي وزير ۽ صوبائي وزيرن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وڏي وزير چيو ته غزا ۾ هٿين خالي فلسطينين تي ظلم جي انتها آهي، غزا جي معاملي تي مذمت کانسواءِ ڪجهه نه پيو ڪيو وڃي.
هن چيو ته ، فلسطين جو مسئلو سڄي دنيا ۽ انسانيت جو آهي رڳو مسلمانن جو ناهي، دنيا کي هڪ ٿي سوچڻ گهرجي ۽ ظلم ڪندڙ هٿن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
نگران وڏي وزير چيو ته چائلڊ ليبر کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهون.
هن چيو ته هو انهن اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي واپس اسڪول ۾ آڻن لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
جسٽس رٽآئرڊ مقبول باقر چيو ته ٻار اسان جي ملڪ جا معمار ۽ مستقبل آهن، اسڪول ڇڏيندڙ ٻارن کي ٻيهر اسڪولن ۾ واپس آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
سنڌ جي نگران وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ٻارن جي حقن ۽ ڀلائي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن کي صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.
سنڌ جي نگران وڏو وزير چيو ته هڪ بهتر ۽ صحت مند ماحول ۾ پرورش ٿيڻ سان انهن کي بهتر ماڻهو بڻائي سگهجي ٿو.