تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

آءِ ايم ايف جي پبلڪ انويسٽمينٽ مئنيجمينٽ اسيسمينٽ رپورٽ ۾ پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ تي خدشن جو اظهار

آءِ ايم ايف جي پبلڪ انويسٽمينٽ مئنيجمينٽ اسيسمينٽ رپورٽ ۾ پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.

آءِ ايم ايف جي پبلڪ انويسٽمينٽ مئنيجمينٽ اسيسمينٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ غير مستحڪم آهي ان تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سمورن ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 10 ڏھائي 7 ٽريلين رپيا گهربل آهن، ترقياتي منصوبن لاءِ گهربل فنڊنگ هلندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ 727 ارب رپين کان 14 ڀيرا وڌيڪ آهي، گذريل بجيٽ ۾ حڪومت 2 ڏھائي 3 ٽريلين رپين جا نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪيا.

آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ترقياتي منصوبن جي منظوري کان اڳ ٽيڪنيڪل اسسمنٽ ضروري آهي، ترقياتي منصوبن جي چونڊ لاءِ 5 سالن جي پاليسي جوڙي وڃي، ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جو طريقيڪار تيار ڪري شايع ڪيو وڃي.

اسسٽمنٽ رپورٽ موجب، هلندڙ مالي سال جي آخر تائين پاڪستان جو قرض 81 ڏھائي 8 ٽريلين ٿي ويندو جيڪو ملڪ جي جي ڊي پي جو 73 سيڪڙو آهي، ايندڙ بجيٽ جو ڪاٿو 15 ڏھائي 4 ٽريلين تائين هوندو.

عالمي مالياتي فنڊ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ پاڪستان موسمياتي تبديليءَ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، 2022ع جي ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 17 سئو ماڻهو ٻوڏ سبب فوت ٿيا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2000ع کان پاڪستان ۾ هر سال موسمياتي تبديلين سبب 2 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ هر سال 40 لک ماڻهو موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿين ٿا ۽ 500 ماڻهو قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سبب فوت ٿي رھيا آھن.

آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب، موسمياتي تبديليون زراعت ۽ انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري رهيو آهن، سال 2050ع تائين پاڪستان جي معيشت قدرتي آفتن سبب 9 سيڪڙو تائين متاثر ٿي سگهي ٿي، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ لاءِ بجيٽ انتھائي اڻپوري آھي پاڪستان ترقياتي بجيٽ ۾ موسمياتي تبديلين جي پراجيڪٽس کي ترجيح ڏئي

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون