مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي ملڪ مٿان مڙهڻ جو نتيجو عوام ڀوڳي رهيو آهي، شهباز شريف کي صاف پاڻي واري ڪيس ۾ طلب ڪري آشيانا اسڪيم ۾ گرفتار ڪيو ويو، تحريڪ انصاف چيئرمين پنجن سالن تائين عدليه سميت ملڪي ادارن سان هٿ چراند ڪئي، شهزاد اڪبر مريم نواز جي ڪمري ۾ ڪئمرائون لڳائي تذليل ڪئي، ماڻهن جا پٽڪا لاهيندڙ ماڻهو هاڻي ڪٿي گم آهن.
لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو تھ ماضي ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي بدترين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، نواز شريف کي پٽ کان پگھار نھ وٺڻ تي ياحيات نااھل ڪيو ويو.
سندس چوڻ ھو تھ شهباز شريف کي صاف پاڻي واري ڪيس ۾ طلب ڪري آشيانا اسڪيم ۾ گرفتار ڪيو ويو، شهزاد اڪبر مريم نواز جي ڪمري ۾ ڪئمرائون لڳائي تذليل ڪئي، ماڻهن جا پٽڪا لاهيندڙ ماڻهو هاڻي ڪٿي گم آهن.
مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو تھ گذريل پنجن سالن کان ملڪ جي عوام، مخالف ڌر ۽ انصاف جي نظام سان ھٿ چراند ٿيندي رھي، عوام ۽ نوجوانن کي خبر ھئڻ گھرجي ملڪ سان ڪھڙي قسم جي راند کيڏي وئي.
ھن چيو تھ تحريڪ انصاف چيئرمين پنجن سالن تائين عدليه سميت ملڪي ادارن سان هٿ چراند ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي ملڪ مٿان مڙهڻ جو نتيجو عوام ڀوڳي رهيو آهي.
مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو تھ وزيراعظم ھائوس ۾ طيبھ گل کي اغوا ڪيو ويو، نيب چيئرمين کي طيبھ گل ذريعي بليڪ ميل ڪيو ويو، شھباز شريف جي پٽن جي گھرن تي ڇاپا ھنيا ويا، پي ٽي آءِ دور ۾ جج جي ڪمري مان ماڻھو منھن لڪائي نڪتا ھئا………..