شھر جي موڙ وٽ جوابدار غلام حسين ماڇي پنھنجي گھرواري 50 ورھين جي زاھدان کي ڌڪ ھڻي مرڻينگ ڪيو.
واقعي بعد زاھدان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ھن زخمن جا سور نھ سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيو ويو.
50 ورھين جي زاھدان جو مڙھھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آھي تھ جوابدار غلام حسين ماڇي پنھنجي گھرواري زاھدان کي قتل ڪيو آھي.
پوليس موجب، واقعي جو ڪارڻ معلوم ناھي ٿي سگھيو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي