تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آسٽريليا ڀارت کي هارائي ڇهون ڀيرو ڪرڪيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو

- Advertisement -
آسٽريليا آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ميزبان ٽيم ڀارت کي هارائي ڇهون ڀيرو ڪرڪيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو. ورلڊ ڪپ جو فائنل ميچ احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو، جتي آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو . آسٽريليا جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارت جي پوري ٽيم 50 اوورن ۾ 240 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ڪي ايل راهول 66 ۽ ويرات ڪوهلي 54 رنسون ٺاهي نمايان رهيا . روهت شرما 47، شبمن گل  ۽ شهرياس ايئر چار چار رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته رويندرا جڊيجا 9، سوريا ڪمار ياديو 18، محمد شامي، 6، جسپريت ڀمراهه هڪ، ڪلديپ ياديو 10 ٺاهي آئوٽ ۽ محمد سراج 9 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 3، جوش هيزل ووڊ 2، پيٽ ڪمنز 2، گلين ميڪسيول ۽ ايڊم زمپا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. آسٽريليا ڀارت طرفان مليل 241 رنسن جو حدف ٽريوس هيڊ ۽ لبوشين جي بهترين بيٽنگ جي ذريعي 43 اوورن ۾ پورو ڪيو. حدف حاصل ڪرڻ لاءِ هيڊ مشڪل وقت ۾ سينچري ۽ لبوشين ففٽي ڪري پنهنجي ٽيم کي ورلڊ ڪپ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٽريوس هيڊ 120 بالن تي شاندار 137 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته لبوشين 58 رنسون ٺاهي  ناٽ آئوٽ رهيو. ڀارت طرفان  جسپريت ڀمراهه ٻه، محمد شامي ۽ محمد سراج هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ٽريوس هيڊ کي قرار ڏنو ويو جڏهن ته مين آف دي ٽورنامينٽ جو ايوارڊ ويرات ڪوهلي کي قرار ڏنو ويو . واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم 1987ع 1999ع، 2003ع 2007 ۽ 2015 ۾ ون ڊي ورلڊ ڪپ جون ٽرافيون پنهنجي نانءُ ڪيون..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون