اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ اڳواڻ محمد بخش مھر چيو آھي تھ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ سميت ملڪ مان ڪامياب ٿيندي.
خانڳڙھ جي مهر هائوس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي عهديدارن جو محمد بخش خان مهر جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ گهوٽڪي، خانڳڙھ ميرپورماٿيلي، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙي تعلقي جي پ پ ليديز ونگ، سپاف، يوٿ ونگ، منارٽي ونگ ۽ ٻين ونگن جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي پ پ جي عهديدارن محمد بخش خان مهر آڏو عهديدارن ۽ وڪرن سان ٿيندڙ مسئلا پيش ڪيا.
اجلاس دوران محمد بخش خان مهر عهديدارن کي ورڪرن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي.
پ پ اڳواڻ محمد بخش مھر چيو تھ جڏهن کان سياست شروع ڪئي آهي ته سندس واسطو پيپلزپارٽي سان آهي ۽ هميشه پيپلزپارٽي سان ئي رهندو.
ھن چيو تھ سياست شروع ڪرڻ دوران ڪافي ڏکيائون آيون ۽ مشڪلاتن کان ماڻهو گهٻرائجي ويندا آهن پر ھو ثابت قدم رهيا آهن.
محمد بخش مهر چيو تھ اليڪشن جو وقت اچي ويو آهي پارٽي ڪارڪن اڳ جيان هاڻ به پنهنجي محنت ۽ ڪوششن سان پيپلزپارٽي کي پوري ملڪ ۾ ڪامياب ڪرائيندا.
ھن چيو تھ خانڳڙھ ۾ 2013 کان وٺي ڀٽو جا نعرا لڳا هئا ۽ هميشه لڳندا رهندا، جيڪي پارٽي ڇڏي ويا هئا انهن کي اها خبر پئجي وئي ته هو پيپلزپارٽي کانسواءِ ڪجهه به نه آهن اھي ساڳو پيپلزپارٽي ۾ موٽي آيا.