غزا تي اسرائيلي فوج خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي

- Advertisement -
غزا تي اسرائيلي فوج خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي، مظاهرين فوري طور تي فلسطينين مٿان ٿيندڙ تشدد روڪڻ ۽ جنگبندي جو مطالبو ڪيو. واشنگٽن ڊي سي جي يونين تي غزه جا نعرا هنيا، شڪاگو ٽربيوين آفيس آڏو مظاهرين فلسطيني شهيدن جي نالن سان پوسٽر کڻي احتجاج ڪيا. ميلبرن ۾ فلسطينين سان يڪجهتي لاءِ هزارين ماڻهن وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي. سوئيڊن، پيرس ۽ ٽوڪيو ۾ فلسطينين جي حق ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اسرائيلي جارحيت خلاف برطانيا جي هڪ سئو هنڌن تي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاج ۾ شامل ماڻهن جو چوڻ هو ته جنگ بندي جي حق ۾ ووٽنگ نه ڪندڙ به فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن ۾ شريڪ آهن، مظاهري ۾ وزيراعظم رشي سونڪ ۽ ڪيئر اسٽارمر خلاف شيم آن يو جا نعرا پڻ حنيا ويا. بارسلونا ۾ فائر فائٽرز طرفان سائر وڄائي فلسطينين جي نسل ڪشي روڪڻ ۽ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
36%
2.1m/s
0%
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
27 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون