تازه ترين

غزا ۾اسرائيلي فوج جي 44 هين ڏينهن به رت جي راند جاري، بمباري ۾ وڌيڪ 31 فلسطيني شهيد

غزا تي اسرائيلي فوج 44 هين ڏينهن به حملا  جاري رکيا آهن،  وڌيڪ 31 شهري شهيد ٿيڻ بعد شهيدن جو انگ 13 هزار ٿي ويو.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته يهودي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 31 شهرين شهادت جو جام پيتو، جڏهن ته شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 13 هزار ٿي ويو آهي.

غزا ميڊيا آفيس جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾ 5 هزار 500 ٻار ۽ 3 هزار 500 عورتون شامل آهن، جڏهن ته اسرائيلي بمباري سبب زخمي فلسطينين جو انگ 30 هزار آهي.

اسرائيلي فوج غزا ۾ چئن مسجدن کي به شهيد ڪري ڇڏيو، جباليا ڪيمپ جي اقامتي بلاڪن تي به بمباري ڪئي وئي، جڏهن ته الشفا اسپتال مان تازا ڄاول 31 ٻارن کي نيڪالي ڏني وئي، اسپتال ۾ هن وقت به 250 مريض ۽ 25 ورڪر موجود آهن.

يهودي فوج جي بمباري سبب هزارين گهر تباهه  ٿي ويا جنهن سبب 23 لک ماڻهو کاڌي پيتي کان محروم بڻيل آهن جڏهن ته صحت ۽ مواصلاتي نظام پڻ درهم برهم بڻجي چڪو آهي.

اولهه ڪناري ۾ يهودي فوج جي ٻن ڏينهن جي بمباري دوران 50 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

ٻئي پاسي يهودي فوج حماس جي ٿاڪن کي تباه ڪرڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪرڻ سان گڏوگڏ ويڙهاڪ تنظمين جي حملن ۾ پنهنجي وڌيڪ ٻن فوجين جي مارجڻ جي به تصديق ڪئي آهي.

اسرائيلي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج جي ترجمان غزا ۾ زميني آپريشن دوران  حماس جي ويڙهاڪن هٿان مارجي ويل ٻن فوجين جا نالا جاري ڪيا ويا جن ۾ فرسٽ ليفٽيننٽ سميت اهلڪار شامل آهن جنهن بعد ٻن ڏينهن دوران مارجي ويلن جو انگ 13 ٿي ويو.

ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان غزا جنگ ۾ اسرائيلي فوجين جي مارجي ويلن جو انگ 383  ۽ 27 آڪٽوبر کان غزا ۾ زميني آپريشن دوران مارجي ويلن جو انگ 62 ٿي ويو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
17 %
1.7kmh
40 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون