اسلام آباد جي عدالت توشاخانھ گاڏين جي ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو بيان قلمبند ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ ٻين خلاف توشاخانھ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، خواجا عبدالغني مجيد، انور مجيد ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پيلڊر عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ عدالت جوابدارن جون حاضريون لڳرايون.
ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ھڪ بچاءَ جو بيان رھي ٿو، نيب کي هدايت ڪئي وڃي ته نواز شريف جو بيان رڪارڊ ڪرايو وڃي، ضمني ريفرنس داخل ڪرڻو پوندو، ريفرنس نواز شريف جي غير موجودگي ۾ داخل ڪيو ويو، ھو چاهن ٿا ته نيب اڳوڻي وزيراعظم جو موقف رڪارڊ ڪيو وڃي.
نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته درخواست پڙهڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته ان ۾ ڪهڙو مسئلو آهي، نواز شريف کي گھرائي بيان رڪارڊ ڪري وٺو.
نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته جاچ آفيسر کي بيان رڪارڊ ڪرڻو ھوندو آهي اهو ئي ڪندو، جنهن تي نواز شريف جي وڪيل جواب ڏنو ته کيس سوالنامو ڏيو وڃي ھو جواب ڏيندا.
پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته ڪا ويجھي تاريخ ڏني وڃي جاچ آفيسر بيان رڪارڊ ڪري وٺندو کيس ڪو اعتراض ناھي.
عدالت نواز شريف جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.