جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي خلاف آڊيو ليڪ اسڪينڊل ۾ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي چئلينج ڪري ڇڏي

- Advertisement -
جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي خلاف آڊيو ليڪ اسڪينڊل ۾ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي چئلينج ڪري ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 16 فيبروري کان ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، سندس خلاف شڪايت ڪندڙ عدليه تي حملو ڪري رهيا آهن. جسٽس مظاھر نقوي ايڊووڪيٽ مخدوم علي خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي جنھن ۾ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي کي چئلينج ڪيو ويو آھي. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاھر نقوي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آھي تھ ڪائونسل سندس اعتراض طئي ڪيا بنا ڪارروائي جي نوٽيس اماڻيو، سپريم جوڊيشل ڪائونسل 27 آڪٽوبر تي پريس رليز جاري ڪري سندس بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي. ھن درخواست ۾ وڌيڪ چيو تھ ظاھر ڪيل اثاثا جج خلاف ڪارروائي جو بنياد نٿا ٿي سگھن، ٽيڪس اختيارين طرفان اثاثن تي ڪڏھن ڪو نوٽيس ناھي آيو، سندس خلاف شروع ڪيل مھم عدليا تي حملو آھي. جسٽس مظاھر نقوي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندي عدالت کي درخواست ڪئي آھي تھ ڪائونسل جو ايندڙ ڪارروائي لاءِ وصول ڪيل نوٽيس بھ غيرقانوني قرار ڏنو وڃي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
40%
3.1m/s
0%
اڱارو
21 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون