تازه ترين

ٻارڙا قوم جو سڀ کان قيمتي وسيلو ۽ مستقبل جي واحد ضمانت ھوندا آھن: مقبول باقر

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته ٻارڙا قوم جو سڀ کان قيمتي وسيلو ۽ مستقبل جي واحد ضمانت ھوندا آھن، سنڌ حڪومت ٻارن جي استحصال، جنس، مذھب ۽ نسل جي بنياد تي ساڻن امتيازي سلوڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قانوني قدم کنيا آھن، ھو ٻارن خلاف تشدد، چائلڊ ليبر ۽ جبري شادين جي واقعن کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آھن.

ڪراچيءَ ۾ ٻارن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو تھ ٻارن جو عالمي ڏينھن ملھائڻ جو مقصد ٻارن جي حقن لاءِ بيھڻ ۽ کين پيش ايندڙ چئلينجن بابت ڳالھيون ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪرڻ جو ڏينھن آھي ھو ٻارن ڇا بھتر ڪري سگھن ٿا جنھن سان ھو پنھنجي زندگي ۾ خوش رھن.

سندس چوڻ ھو تھ سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ بھ ٻارن جو عالمي ڏينھن ملھايو پيو وڃي، ٻارن جي حقن جو ڪنوينشن ھڪ عالمي انساني حقن جو معاھدو آھي جيڪو خاص حقن جو خاڪو پيش ڪري ٿو جنھن جي دعويٰ ٻارڙا ۽ نوجوان ڪري سگھن ٿا.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو تھ ھو سمورن ٻارڙن جي انساني حقن کي ھٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آھن، سنڌ سرڪار ھر ٻار کي ھڪ محفوظ، ذميوار ۽ دوستاڻو ماحول ڏيڻ چاھي ٿي.

ھن چيو تھ ھو ٻارن کي پريشاني، بک، خوف ۽ جبر کان پاڪ معاشرو ڏيڻ چاھن ٿا، سندن حڪومت ٻارن لاءِ پڙھڻ، سکڻ ۽ کيڏڻ جي حق جو وچن ڪري ٿي.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته ٻارڙا قوم جو سڀ کان قيمتي وسيلو ۽ مستقبل جي واحد ضمانت ھوندا آھن، سنڌ حڪومت ٻارن جي استحصال، جنس، مذھب ۽ نسل جي بنياد تي ساڻن امتيازي سلوڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قانوني قدم کنيا آھن، ھو ٻارن خلاف تشدد، چائلڊ ليبر ۽ جبري شادين جي واقعن کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آھن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
7.3 ° C
7.3 °
7.3 °
20 %
2.6kmh
83 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
12 °

تازه ترين خبرون