- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاھر علي اڪبر نقويءَ پاڻ خلاف ريفرنس تي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي چئلينج ڪري ڇڏي آھي.
وڪيل مخدوم علي خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ جسٽس مظاھر نقويءَ چڇيو تھ سندس خلاف شروع ڪيل مھم عدليا جي آزاديءَ تي حملو آھي.
درخواست موجب جڊيشل ڪائونسل سندس اعتراض ڏسڻ کانسواءِ ايندڙ ڪارروائي جو نوٽيس موڪليو، جڊيشل ڪائونسل 27 آڪٽوبر تي پريس رليز جاري ڪري سندس بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي.
جسٽس مظاھر نقوي سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي ختم ڪرڻ ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ايندڙ ڪارروائي لاءِ نوٽيس بھ غيرقانوني ڏيڻ جي درخواست ڪئي.
درخواست ۾ وفاق، صدر ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي ڌر بڻايو ويو آھي.- Advertisement -
