امتياز شيخ جو چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ نگران وڏي وزير کي خط

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽  نگران وڏي وزير کي خط لکي قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومري کي عھدي تان ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو آھي. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽  نگران وڏي وزير کي لکيل خط ۾ امتياز شيخ چيو تھ نگران قانون واري وزير جون سياسي سرگرميون شفاف چونڊن واري عمل کي شڪي بڻائي رھيون آھن. ھن چيو تھ نگران قانون وارو وزير پنھنجو سرڪاري اثر رسوخ ماڻھن جون سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي، سندس سياسي وفاداريون ڪنھن کان لڪل ناھن. امتياز شيخ چيو تھ نگران وزير شڪارپور ۽ جيڪب آبا د۾ انتظامي معاملن ۾ اثر رسوخ استعمال ڪري رھيو آھي، پوليس ۽ انتظاميا ذريعي سياسي مخالفن کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. پ پ اڳواڻ چيو تھ عمر سومرو وڪيل ۽ پي ٽي آءِ جي لائرز ونگ جو صدر ھو، 2018ع ۾ ھن عام چونڊن دوران پي ايس ون جيڪب آباد تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھي، سندس ڄاڻ موجب ھو اڃا بھ پي ٽي آءِ جو سرگرم ڪارڪن آھي. امتياز شيخ چيو تھ عمر سومرو پ پ خلاف کليل نموني سرگرم آھي ۽ جيڪب آباد توڙي شڪارپور ۾ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي رھيو آھي. خط ۾ امتياز شيخ مطالبو ڪيو تھ عمر سومري کي فوري طور عھدي تان ھٽائڻ جون ھدايتون جاري ڪيون وڃن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.9 ° C
18.9 °
18.9 °
50%
2.9m/s
0%
اربع
19 °
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون