آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ارڙھن رڪني اسڪواڊ جو اعلان

- Advertisement -
آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ارڙھن رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آھي. قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر وھاب رياض آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ ارڙھن رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ ھو تھ قومي ٽيم 14 ڊسمبر کان 7 جنوري وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي، پھرين ٽيسٽ 14 کان 18 ڊسمبر تي پرٿ، ٻي 26 کان 30 ڊسمبر تائين ميلبرن ۽ ٽئين ٽيسٽ 3 کان 7 جنوري تائين سڊني ۾ ٿيندي. ھن چيو تھ شان مسعود پھريون ڀيرو قومي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڪندو، کاٻيڙو اوپننگ بيٽر صائم ايوب ۽ فاسٽ بالر خرم کي شھزاد پھريون ڀيرو قومي ٽيسٽ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آحي. وھاب رياض چيو تھ فھيم اشرف، محمد وسيم جونئير ۽ مير حمزا جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آھي. چيف سليڪٽر چيو تھ اسڪواڊ ۾ شان مسعود ڪپتان، عامر جمال، عبداللھ شفيق،  ابرار احمد، بابراعظم، فھيم اشرف، حسن علي، امام الحق، خرم شھزاد، مير حمزا، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، نعمان علي، صائم ايوب، سلمان علي آغا، سرفراز احمد، سعود شڪيل ۽ شاھين شاھھ آفريدي شامل آھن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
40%
3.1m/s
0%
اڱارو
21 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون