تازه ترين

اسرائيلي فوج جي غزا ۾ انڊونيشين اسپتال تي بمباري، 12 فلسطيني شهري شهيد، ڪيترائي ڊاڪٽر زخمي

اسرائيلي فوج جي غزا ۾ انڊونيشين اسپتال تي بمباري، 12 فلسطيني شهري شهيد ۽ ڪيترائي ڊاڪٽر زخمي ٿي پيا، جڏهن ته شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 13 هزار 300 ٿي ويو آهي.

صحت واري وزارت موجب اسرائيلي فوج سرجيڪل ڊپارٽمينٽ تي بمباري ڪئي ۽ اسپتال آڏو گڏيل قومن جي اسڪول تي به بمباري ڪئي.

صحت واري وزارت جو چوڻ آهي  اسڪول ۾ بي گهر بڻيل هزارين  فلسطينين پناهه ورتي آهي.

اسرائيلي فوج جي هوائي ۽ زميني ڪاررواين ۾ غزا ۾ شهيد فلسطنين جو انگ وڌي 13 هزار 300 ٿي ويو.

غزا ميڊيا آفيس موجب شهيد فلسطينن ۾ 5 هزار  600 ٻار  ۽ 3هزار 550 عورتون شامل آهن، اسرائيلي حملن ۾ زخمين جو تعداد 31 هزار کان وڌي ويو.

غزا پٽي جا 15 لک شهري بي گهر بڻيل آهن ۽ جڏهن ته باقي فلسطيني به لڏپلاڻ تي مجبور آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
50 %
2.2kmh
2 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
16 °

تازه ترين خبرون