اسرائيلي فوج جي غزا ۾ انڊونيشين اسپتال تي بمباري، 12 فلسطيني شهري شهيد، ڪيترائي ڊاڪٽر زخمي

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزا ۾ انڊونيشين اسپتال تي بمباري، 12 فلسطيني شهري شهيد ۽ ڪيترائي ڊاڪٽر زخمي ٿي پيا، جڏهن ته شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 13 هزار 300 ٿي ويو آهي. صحت واري وزارت موجب اسرائيلي فوج سرجيڪل ڊپارٽمينٽ تي بمباري ڪئي ۽ اسپتال آڏو گڏيل قومن جي اسڪول تي به بمباري ڪئي. صحت واري وزارت جو چوڻ آهي  اسڪول ۾ بي گهر بڻيل هزارين  فلسطينين پناهه ورتي آهي. اسرائيلي فوج جي هوائي ۽ زميني ڪاررواين ۾ غزا ۾ شهيد فلسطنين جو انگ وڌي 13 هزار 300 ٿي ويو. غزا ميڊيا آفيس موجب شهيد فلسطينن ۾ 5 هزار  600 ٻار  ۽ 3هزار 550 عورتون شامل آهن، اسرائيلي حملن ۾ زخمين جو تعداد 31 هزار کان وڌي ويو. غزا پٽي جا 15 لک شهري بي گهر بڻيل آهن ۽ جڏهن ته باقي فلسطيني به لڏپلاڻ تي مجبور آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
40%
3.1m/s
0%
اڱارو
21 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون