تازه ترين

سپريم جوڊيشل ڪائونسل جسٽس سردار طارق مسعود جي خلاف شڪايت متفقه طور رد ڪندي حڪم نامو جاري ڪر ي ڇڏيو

سپريم جوڊيشل ڪائونسل جسٽس سردار طارق مسعود جي خلاف شڪايت متفقه طور رد ڪندي حڪم نامو جاري ڪر ي ڇڏيو.

حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته شڪايت ڪندڙ آمنه ملڪ مڃي ورتو آهي ته ان جا جسٽس سردار طارق تي لڳايل الزامن ۾ ڪا سچاهي ناهي، جسٽس سردار طارق جي خلاف شڪايت بدنيتي تي ٻڌل آهي.

حڪم نامي ۾ چيو ويو ته آمنه ملڪ خلاف ڪارروائي جو معاملو بعد ۾ ڏٺو ويندو، جسٽس سردار طارق مسعود جي درخواست تي سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايتن جو به جائزو ورتو ويو، ڪارروائي تي جسٽس مظاهر نقوي جي اعتراضن بعد اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو.

هوڏانهن  جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي خلاف ريفرنس تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي چئلينج ڪري ڇڏي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.5 ° C
13.5 °
13.5 °
37 %
1.5kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون