تازه ترين

سڪيورٽي فورسز جا ڪي پي ۾ ڌار ڌار آپريشن، ٽي دهشتگرد مارجي ويا،پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد

خيبرپختونخوا ۾ فورسز جي آپريشن دوران 3 دھشتگرد مارجي ويا، جڏھن تھ بم ڦاٽڻ سبب ھڪ جوان شھيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو تھ ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجھي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو.

آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دھشتگرد مارجي ويا.

ٻئي پاسي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ ڪيل ڪارروائي ۾ ھڪ دھشتگرد مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دھشتگرد معصوم شھرين جي قتل ۾ ملوث ھئا،  وٽانئن ھٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو آھي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب اتر وزيرستان ضلعي جي غور يوم واري علائقي ۾ ديسي بم ڦاٽڻ سبب ھڪ جوان شھيد ٿي ويو، 26 ورھين جي سپاھي شاھزيب جو تعلق راولپنڊي سان ھو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون