صحبت پور ويجهو 8 هٿياربند گهر اندر داخل تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا.
ڳوٺ سليم کوسو ۾ هٿياربند سليم کوسي جي گهر ۾ گهڙي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
متاثر گهر ڌڻين جو چوڻ هو ته 8 هٿياربندن کين يرغمال بڻائي اڍائي لک رپيا روڪ رقم، 25 تولا سونا زيور ، 5 موبائل فون ۽ 2 رپيٽر ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
واقعي بعد اطلاع تي پوليس پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.