متحده قومي موومينٽ پاڪستان جا ڪيترائي اڳوڻا اڳواڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي شهر ۾ خوف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڌمڪين باوجود ماڻهو ايم ڪيو ايم ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ شخصيتون اڄ پيپلز پارٽي ۾ شامل آهن، هو ڪراچي کي پيپلز پارٽي جو ڳڙهه بڻائي ڏيکاريندا.
سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي ڌمڪين باوجود وڌيڪ ماڻهو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ڪراچي ۾ مقبول رهي آهي، ايم ڪيو ايم جي دوستن کي گذارش آهي ته مثبت سياست ڪن.
سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اهو مناسب نه آهي، سمورن شهرين ۽ سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي سياست جو فيصلو ڪرڻ جي آزادي آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ماڻهو پارٽي ڇڏي مختلف جماعتن ۾ شامل ٿي رهيا آهن.
سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي سڀ کان وڏي ۽ مضبوط جماعت آهي، جنهن مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
هن چيو ته ماڻهن جي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ متحده پاڪستان جا دوست پريشان آهن.
سعيد غني چيو ته خواجا منصور، سيف يار خان، وسيم قريشي، مزمل قريشي ۽ ٻيا اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن، دقسمتي سان ايم ڪيو ايم هاڻي پي ايس پي جي قبضي ۾ آهي.
پ پ اڳواڻ چيو ته ايم ڪيو ايم کي گذارش آهي ته هو پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکي، بدمعاشي ۽ ڌمڪين واري ٻولي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي.