ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بدقسمتي سان نگران حڪومت شهر ۾ ترقياتي ڪم بند ڪرائي ڇڏيا آهن.
اورنگي ٽائون ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو ته ڪراچي ۾ صنعتن ۽ واپار کي هٿي ڏني وڃي، اڄ شهيد قائد جي خواب جي تعبير جو ڏينهن آهي.
هن چيو ته ڪاٽيج انڊسٽريز ملڪ ۾ سماجي انقلاب آڻي سگهن ٿيون، اورنگي ٽائون جي هنر مند ماڻهن کي موقعا ڏنا ويندا.
ميئر ڪراچي چيو ته جتي به زمين تي قبضو ٿيندو ان کي خالي ڪرائي اصل مالڪن حوالي ڪيون وينديون.