شڪارپور ويجهو هٿياربندن مبينا طور هڪ نوجوان ۽ نينگر کي اغوا ڪري ويا.
ڳوٺ پيارو خان ڀيو ويجهو ڌاڙيل 22 سالن جي محمد رمضان ڀيو ۽ 10 سالن جي شاهد حسين ڀيو کي مبينا طور اغوا ٿي ويا.
وارثن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن نوجوان ۽ نينگر شڪارپور شهر ويا ته واپس نه موٽيا، نوجوان جي موٽرسائيڪل ڳوٺ ٻاهران رستي کان هيٺ پيل ملي آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن اغوا ٿيل نوجوان کي نينگر کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.