خانواهڻ واسي ٻارڙن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر مظھر حسين کوکر ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو .
ڊاڪٽر مظھر حسين کوکر ڪينسر جي بيماريءَ سبب ٻن مھينن کان ترڪيءَ جي شھر استنبول جي اسپتال ۾ داخل هو.
ڊاڪٽر مظھر حسين کوکر علاج دوران دم ڏنو، سندس مڙهه اڄ خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ ديهات آندو ويو.
ڊاڪٽر مظھر حسين کوکر جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ مڙهه اباڻي قبرستان مبارڪ شاھه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو..