تازه ترين

شگر ايڊوائيزري بورڊ، چئني صوبن ۾ ڪمند جي نئين اگهه جي منظوري ڏئي ڇڏي

شگر ايڊوائيزري بورڊ، چئني صوبن ۾ ڪمند جي نئين اگهه جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت سنڌ ۾ ڪمند جي قيمت 425 رپيا في مڻ مقرر ٿي آهي، جڏهن ته باقي صوبن جي آبادگارن کي 400 رپيا في مڻ اگهه ملندو.

شگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس اسلام آباد ۾ صنعتن ۽ پيداوار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ مان ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙيءَ ميمبر طور آن لائن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ شگر ملز جي نمائندن دانهون ڪيون ته ڪمند جو اگهه وڌيڪ آهي، شگر ملز وٽ اڳ ئي وڏي مقدار ۾ کنڊ جو ذخيرو موجود آهي، کين کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت ڏني وڃي، جڏهن ته ڪمند جو اگهه گهٽ رکيو وڃي.

صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير گوهر اعجاز شگر ملز مالڪن جي دعوا رد ڪندي چيو ته ملز وارن آبادگارن کي ڪمند جو اگهه گهٽ ڏنو پر پاڻ وڌيڪ ڪمايو آهي، هو ڪاروباري ماڻهو آهي پر ان جي باوجود چوي ٿو ته بزنس مين غلط آهن، کين نقصان نه پر فائدو ٿيو آهي.

هن اِهو پڻ چيو ته مارڪيٽ ۾ 116 رپيا في ڪلو کنڊ وڪرو ٿي رهي آهي پر هو 120 رپيا في مڻ جي حساب سان 5 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر پاسما جو ڪوبه اڳواڻ اڳتي نه آيو ۽ هو 10 لک ٽن کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت گهرندا رهيا.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاسما جي دعوا موجب وٽن 9 لک 10 هزار ٽن کنڊ موجود آهي، جڏهن ته ملڪ کي 5 لک ٽن کنڊ جي ضرورت هجي ٿي.

اهڙا انگ اکر سامهون اچڻ کانپوءِ اجلاس کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت نه ڏني.

اجلاس کي اِهو به ٻڌايو ويو ته ڪمند جو صحيح اگهه نه ملڻ سبب آبادگار ڪمند جي پوکائي کان پري ٿي رهيو آهي جنهنڪري هن سال سنڌ ۾ 27 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 19 سيڪڙو ايراضي گهٽ پوکي وئي آهي.

اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪمند جو هڪ ئي اگهه مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهنڪري اِهو معاملو ايجنڊا ۾ به رکيو ويو پر سنڌ جي نمائندي ان تي اعتراض واريو.

نگران وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته نگران وزيراعظم انوار ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ لاءِ ڪمند جو هڪ ئي اگهه مقرر ڪيو وڃي.

ايوان زراعت سنڌ جي نمائندي زاهد ڀرڳڙيءَ اعتراض واريندي چيو ته 18هين ترميم تحت زراعت صوبائي معاملو آهي، صوبن کي پنهنجي مرضيءَ سان اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار آهي، وفاقي حڪومت کي هڪ جهڙو اگهه مقرر ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي.

هن چيو ته سنڌ جي اڳوڻي چونڊيل حڪومت ڪمند جو اگهه 425 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي، جنهن ۾ تبديلي ممڪن نه آهي.

سنڌ جي اهڙي موقف کانپوءِ سنڌ جو ڪمند جو اگهه 425 رپيا في مڻ برقرار رکڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي سميت باقي ٽنهي صوبن ۾ ڪمند جو اگهه 400 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
35 %
3.2kmh
98 %
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون