جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي جو صلاح مشورن وارو اجلاس اڄ شام 4 وڳي طلب

- Advertisement -
جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي جو صلاح مشورن وارو اجلاس اڄ شام 4 وڳي طلب ڪيو ويو. ڪور ڪميٽي اجلاس جي صدارت حرن جو روحاني پيشوا پير پاڳارو ڪندو، جنهن ۾ اتحادي پارٽين جا اڳواڻ شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ ن ليگ، آئي پي پي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آئي سان اتحاد ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت فيصلا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن وٽ سنڌ جي نگران حڪومت بابت خدشن تي به غور ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي جا نگران حڪومت بابت خدشا برقرار آھن، ڪور ڪميٽي چونڊن ۽ جاري سياسي صورتحال بابت حڪمت عملي کي قطعي شڪل ڏيندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ خيرپور، نوابشاهه، لاڙڪاڻو ۽ سيوهڻ ۾ ٿيل ڪنوينشن بابت به راءِ ورتي ويندي  ۽ وڌيڪ ٻين ضلعن ۾ ڪنوينشن ڪوٺائڻ جي منظوري پڻ ورتي ويندي. اجلاس دوران جي ڊي اي جي چونڊ منشور تياري بابت اتحادين سان مشورا ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
53%
2.7m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون