- Advertisement -
حيدرآباد ۾ ٿاڻو بولا خان واسي واپارين کان 5 ڪروڙ رپين جي مبينا ڦر ٿي آهي.
ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد قاسم چوڪ وٽ تيل گاڏي ۾ تيل ڀرائيندڙ ٿاڻو بولا خان واسي واپاري اشوڪ ڪمار ۽ ٻين کي يرغمال بڻايو.
متاثر واپارين جو چوڻ آهي ته هٿياربند ڪار ۾ پيل 2 ڪروڙ رپيا روڪ، بانڊ ۽ ٽي ڪروڙ جو سون کڻي فرار ٿي ويا آهن.
ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته متاثرواپارين حد جي ٿاڻي تي پهچي واردات بابت اطلاع ڏني آهي.جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
