- Advertisement -
آمريڪا اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي روڪڻ کان انڪار ڪندي آمريڪي ڪانگريس کي درخواست ڪئي آهي ته اسرائيل کي وڌيڪ فوجي امداد ڏيڻ جي منظوري ڏني وڃي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڪانگريس کي درخواست ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ يوڪرين لاءِ اضافي امداد منظور ڪئي وڃي.
پي ٽي آءِ چيئرمين سان امريڪي سفير جي جيل ۾ ملاقات تي رد عمل ڏيندي امريڪي ترجمان چيو ته هو پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سياسي عهدي جي اميدوارن تي ڪابه پوزيشن ناهن رکندا.
هن چيو ته امريڪي ويزا جي منتظر افغان شهرين جي حفاظت بابت پاڪستاني حڪومت سان مستقل رابطن ۾ آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته هو پاڪستان ۾ آمريڪي سفير طرفان پاڪستان لاءِ 4 نوان پروگرام شروع ڪرڻ جي اعلان جي حمايت ڪن ٿا.
هن چيو ته بلوچستان پوليس ٽريننگ اسڪول لاءِ 4 ملين ڊالر، 10 پوليس اسٽيشنن جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ 2 ملين ڊالر جڏهن ته 10 وڌيڪ پوليس اسٽيشنن جي قيام لاءِ 2 ملين ڊالر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اڍائي ملين ڊالر فراهم ڪيا ويندا……..- Advertisement -
