- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاھر نقوي خلاف شڪايتن بابت سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٻيھر ٿي رھيو آھي.
چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس مظاهر نقوي کي ٻيو شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصو اڄ ٿيندو.
گذريل ڏينهن اجلاس ۾ جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايتن جو جائزو ورتو ويو هو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ جسٽس مظاهر نقوي به شرڪت ڪئي هئي.
اجلاس ۾ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن شڪايت ڪندڙن جو موقف ٻڌو ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪيا هئا.
گذريل ڏينھن اجلاس بنا نتيجي ختم ڪيو ويو ھو.- Advertisement -
