- Advertisement -
ڪراچي ڊويزن ۾ عام چونڊن جي تيارين بابت جي اي سيڪريٽري محمد علي کوسو جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي جو نمائندو، سمورا ڊي سيز ۽ جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريڪ ٿيا.
عام چونڊ لاءِ ڪراچي ڊويزن ۾ 22 قومي ۽ 43 صوبائي تڪن تي 91 لک ووٽرن لاءِ 70 هزار عملو گهربل آهي.
پهرين اجلاس ۾ ئي کاتن جا اعليٰ عملدار گهربل عملي جو انگ پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا.
چونڊ عمل لاءِ 57 هزارن تي ٻڌل عملو دستياب آهي ۽ 13 هزار ملازمن جي کوٽ ظاهر ڪئي وئي.
جي اي سيڪريٽري پاران ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايندڙ جمعي تي عملو هر صورت ۾ دستياب ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو.
ايندڙ اجلاس ۾ تفصيل مڪمل ڪري فائنل رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي اماڻي ويندي.- Advertisement -
