سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. موري ۾ قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. قومي شاهراهه تي ڌيرڻ وٽ حادثي ۾ نوجوان اڪرم موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته  ديدار علي زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي  فوتيءَ جو مڙهه ۽ زخميءَ کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو  ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. گهوٽڪي  ويجهو روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. سرحد باءِ پاس تي مزدا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ حنيف حيدراڻي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. موقعي تي موجود ماڻهن نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. جهنڊو مري ۾ هڪڙا موري وٽ تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ نينگري فوت ٿي وئي آهي. حادثي جي نتيجي ۾ 4 سالن جي فاطمه بروهي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
53%
2.7m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون