- Advertisement -
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت ۾ مارٽن، ڪليٽن، جهانگير ۽ پاڪستان ڪوارٽرز بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل مڱريو، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ منظور احمد شيخ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد زمان، ڪمشنر ڪراچي محمد سليم راجپوت، ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي طاهر حسين سانگي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب نگران وڏي وزير مقبول باقر کي مارٽن، ڪليٽن، جهانگير ۽ پاڪستان ڪوارٽرز بابت بريفنگ ڏني.
مرتضي وهاب وڏي وزير کي ٻڌايو ته مارٽن، ڪليٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرز جي ايراضي ڪي ايم سي جي هئي، جنهن تي وفاقي حڪومت ڪوارٽرز ٺاهيا هئا.
چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل مڱريو اجلاس کي آگاهي ڏني ته ڪليٽن، مارٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرز جي شروعاتي سروي ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪليٽن، مارٽن ۽ جهانگير ڪواٽرز 240 ايڪڙن تي ٻڌل آهن، ڪوارٽرز جي ڪل تعداد 25 سئو 31آهي، جيڪي وفاقي حڪومت جي ملڪيت آهن.
اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته وفاقي سرڪار جي ملازمن رٽائرمينٽ کانپوءِ اهي ڪوارٽر خالي نه ڪيا آهن.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ڪواٽرز 32 ڏهائي 13 ايڪڙ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 390 پلاٽ آهن.
نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ هو ته اسان انهن ڪواٽرز جي رهندڙن کي ڪڏهن به بيدخل نه ڪنداسين، انهن ڪوارٽرز جي اڱڻ ۾ جيڪي خالي پلاٽ آهن انهن تي ٽاور ٺاهيو وڃي.- Advertisement -
