- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پراڻن سياستدانن کان سياست ڇڏڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اعتراض پراڻن سياستدانن نه پر ستر سال پراڻي سياست ڪرڻ تي آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ کي نقصان ٿيو، پراڻا سياستدان گهر يا مدرسي ۾ ويهي دعا ڪن، پي ڊي ايم حڪومت ۾ اتحادين جو ڌيان ذاتي دشمنين تي هو ان ڪري ڪامياب نه ٿي سگهيا، سمورن مسئلن جو حل پ پ جي منشور ۾ آهي، عوام کين موقعو ڏي هو ملڪ جي تقدير تبديل ڪري ڏيکاريندا.
چترال ۾ پ پ جي ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنهن رخ ۾ ملڪ هلي رهيو آهي، ان ۾ مسئلا گهٽ نه پر وڌندا، پراڻا سياستدان جهڙيءَ ريت سياست ڪري رهيا آهن ان سان عوام جي تڪليف ۾ اضافو ٿيندو،.
هن چيو ته سياستدانن جو ارادو آهي ته اهي حڪومت ۾ اچي ذاتي دشمنيون پوريون ڪندا، هي اقتدار ۾ اچي انتقامي سياست ڪرڻ چاهن ٿا، پي ڊي ايم حڪومت ۾ اتحادين جو ڌيان ذاتي دشمنين تي هو ان ڪري ڪامياب نه ٿي سگهيا، عوام جو مطالبو آهي ته پراڻن سياستدانن کان جند آجي ڪرايو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کين بزرگن جو احترام ڪرڻ سيکاريو ويو آهي، پراڻا سياستدان سياست ڇڏن، گهر يا مدرسي ۾ ويهي رهن ۽ دعا ڪن.
هن چيو ته پراڻا سياستدان ڪيترو ڪم ڪري سگهندا؟ سندن اعتراض پراڻن سياستدانن نه پر ستر سال پراڻي سياست ڪرڻ تي آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ کي نقصان ٿيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگائي سموري ملڪ ۾ آهي، سمورن مسئلن جو حل پ پ جي منشور ۾ آهي، عوام کين موقعو ڏي هو ملڪ جي تقدير تبديل ڪري ڏيکاريندا.
پ پ چيئرمين چيوته نوازشريف کي جڏهن پهريون ڀيرو وڏو وزير بڻايو ويو تڏهن سندس عمر ڇا هئي، وزيراعظم بڻجڻ وقت شهيد بينظير ڀٽو گهڻن ورهين جي هئي؟ عمران خان جي حڪومت ٺهي ته ٽڪ ٽاڪ جي حڪومت هئي، نوازشريف جي حڪومت ٺهندي آهي ته اها اميرن جي حڪومت هوندي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جي صورتحال ڏسي کيس ڏک ٿيندو آهي، هو عوام جو تڪليفون ختم ڪرڻ چاهي ٿو.
پ پ چيئرمين چيوته جيڪڏهن چترال جو عوام چاهي ٿو ته آصفه ڀٽو زرداري هتان اليڪشن وڙهي ته هو آصفه ان تي راضي ڪندو.- Advertisement -
