سنڌ جي نگران وڏي وزير  جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر فش ھاربر، لائيو اسٽاڪ، پولٽري ۽ ماھيگيري ۾ بھتري آڻڻ جي ھدايت ڪئي

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير  جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر فش ھاربر، لائيو اسٽاڪ، پولٽري ۽ ماھيگيري ۾ بھتري آڻڻ جي ھدايت ڪئي آھي. نگران وڏي وزير جي صدارت ھيٺ لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير  کي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز بابت بريفنگ ڏني وئي. نگران وڏي وزير جانورن جي اسپتال کي بھتر بڻائڻ جي ھدايت ڪندي چيو تھ ھو   لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن ناھي، لائيو اسٽاڪ جا چار ڊائريڪٽر جنرل آھن پر ڪو بھ ڪم نھ پيو ڪري، ڊي جيز پنھنجن ضلعن ۾ ڪا انسپيڪشن نٿا ڪن. ھن چيو تھ انسپيڪشن ٿيڻ تائين پولٽري ۽ جانورن جي اسپتالن ۾ بھتري نھ ايندي، فش ھاربر، لائيو اسٽاڪ، پولٽري ۽ ماھيگري ۾ بھتري آندي وڃي، بھتري نھ آئي تھ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. نگران وڏي وزير جي صدارت ھيٺ ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسن وٿ ڊس ايبلٽيز جو اجلاس ٿيو. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو تھ ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ بھ اسپيشل ٻارن جي بحالي مرڪزن تي ڌيان ڏنو  وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
53%
2.7m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون