کين شفاف اليڪشن ۽ بيلٽ باڪس جي حفاظت گھرجي: شازيا مري

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شازيا مري چيو آھي تھ کين شفاف اليڪشن ۽ بيلٽ باڪس جي حفاظت گھرجي، ڪنھن سان ڳالھيون ٿي ويون آھن؟ ٻڌايو وڃي، جمھوريت جي قربانين جي تذليل نھ ڪريو، وزيراعظم جي چونڊ عوام جو حق آھي، سندن ڳالھيون عوام سان ٿي ويون آھن، بلاول عوام جو لاڏلو آھي. لاھور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شازيا مري چيو تھ سياست خدمت، عبادت ۽ قربانيءَ جو نالو آھي، سياست ڪا گار ناھي، سندن مقابلو ڪنھن پارٽي نھ پر  غربت، مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ سان آھي. ھن چيو تھ ڪنھن سان ڳالھيون ٿي ويون آھن؟ ٻڌايو وڃي، جمھوريت جي قربانين جي تذليل نھ ڪريو، وزيراعظم جي چونڊ عوام جو حق آھي. شازيا مري چيو تھ پ پ قربانيون ڏيندڙ پارٽي آھي، ملڪ ۾ جمھوريت، ترقي ۽ روزگار عوام جو حق آھي، شھيد راڻيءَ جي شھادت باوجود ھنن اليڪشن وڙھي. پ پ اڳواڻ چيو تھ ھو ھر سياسي پارٽيءَ لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ گھري رھيا آھن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
53%
2.7m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون