اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگ جي وقفي ۽ قيدين جي آزاديءَ واري معاھدي باوجود اسرائيلي فوج جا حملا جاري

- Advertisement -
اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگ جي وقفي ۽ قيدين جي آزاديءَ واري معاھدي باوجود اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، شهيد فلسطينين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو. غزا جنگبندي معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ 10 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت تائين به يهودي فوج کي معصوم فلسطينين تي رحم نه آيو ۽ پنهنجي بمباري جاري رکي جنهن ۾ غزا جي مختلف علائقن ۾ بمباري سبب وڌيڪ 100 فلسطيني شهيد ۽ 22 زخمي ٿي پيا. جباليا ۾ اسرائيلي جارحيت ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 52 ماڻهو شهيد ٿي ويام اسرائيلي فوج طرفان زخمي عورتن ۽ ٻارن کي کڻي ويندڙ ايمبولينس تي به ميزائلن سان حملا ڪيا. خان يونس جي عمارت تي به اسرائيلي فوج بم وسايا جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 10 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا، خان يونس ۾ اسرائيلي جارحيت سبب شهيد ٿيل 111 فلسطينين کي اجتماعي قبر ۾ دفنايو ويو. اسرائيلي فوج جي الشفا اسپتال کي تباه ڪرڻ بعد اسرائيلي فوج غزه ۾ انڊونيشن اسپتال به خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن وقت تائين اسرائيلي بمباري 15 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 33 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. هوڏانهن حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ عارضي جنگبندي ۽ حماس جي تحويل ۾ ورتل يرعمالين ۽ اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطينين جي آزادي بابت معاهدي تحت اسرائيلي بمباري  ۾ 4 ڏينهن تائين وقفو اڄ پاڪستاني وقت موجب 1 وڳي ٿيندو. معاهدي تحت اسرائيل 150 فلسطيني عورتن ۽ ٻارن جي آزادي بدلي حماس  50 يرغمالي عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪندو قطر جي ٽياڪڙي موجب انساني امداد ۽ تيل جي فراهمي به مطالبن ۾ شامل آهي. حزب الله جو چوڻ آهي ته هو اسرائيل حماس معاهدي و حصو ناهن، جنگبندي دوران اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ حملا ڪيا ته ان جو جواب ڏنو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
53%
2.7m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون