لاڙڪاڻو : پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

- Advertisement -
لاڙڪاڻو پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاريءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي موجب، لوڪو شيڊ واري علائقي ۾ سي آءِ اي پوليس جو ٻن ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس ساٿي اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو. ايس ايس پي آفيس ترجمان موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ ڏوڪري جي ڳوٺ پنجو ديري واسي احمد نواز سنديلي طور ٿي سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪري کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب، گرفتار جوابدار خلاف ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪيس داخل آهن وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
53%
2.7m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون