- Advertisement -
پاڪستان جي پهرين عورت فائٽر پائليٽ مريم مختيار جي اڄ اٺين ورسي ملهائي پئي وڃي، وطن جي بهادر ڌيءَ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي جرئت ۽ بهادري جي تاريخ رقم ڪئي.
مريم مختيار 18 مئي 1992ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو، هن انٽر جو امتحان آرمي پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج ملير ڪينٽ مان پاس ڪيو.
بهترين فٽبالر هجڻ جي حيثيت سان مريم قومي وومين فٽبال چيمپيئن شپ ۾ بلوچستان يونائيٽيڊ جي نمائندگي پڻ ڪئي.
مريم مختيار 2014ع ۾ گريجوئيٽ طور پاڪستان ايئر فورس ۾ شموليت اختيار ڪئي، سندس تعلق پي اي ايف جي 132هين جي ڊي پائلٽ ڪورس سان هو، جنهن ۾ 6 ٻيون عورتون به شامل هيون.
مريم مختيار جو شمار پاڪستان ايئر فورس جي فائٽر پائلٽس ٿئي ٿو.
24نومبر 2015 تي، هڪ تربيتي جهاز تي معمول جي پرواز دوران ميانوالي ويجهو جهاز ۾ فني خرابي ٿي ته بهادر مريم جهاز جو رخ غير آباد علائقي ڏانهن موڙي ڇڏيو، پر زندگي کيس مهلت نه ڏني ۽ هن ڊيوٽي دوران شهيد ٿيڻ واري پهرين فائٽر پائلٽ هجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
شهيد پائليٽ مريم مختيار کي ڪراچي جي ملير ڪينٽ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، قوم جي بهادر ڌيءَ کي تمغه شجاعت سان نوازيو ويو.- Advertisement -
