- Advertisement -
سبي ويجهو هٿياربندن بم ڊسپوزل ٽيم مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.
بم ڊسپوزل ٽيم ريلوي ٽريڪ تي بم سرچ ڪري رهي هئي ته اڻڄاتل هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ ۾ بم ڊسپوزل ٽيم جو هڪ اهلڪار زعفران زخمي ٿي پيو.
پوليس زخمي اهلڪار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.- Advertisement -
