- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ بلديا سانحي فيڪٽري تي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند عدالت ۾ پيش ٿيو.
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي طرفان روپوش ۽ اشتهاري جوابدارن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.
نادرا عملدارن به عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.
نادرا وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مفرور ۽ اشتهاري ڏوهارين جو رڪارڊ مڪمل ناهي، فراهم ڪيل جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ نمبر درست نه آهن.
پوليس پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي صوبي اندر 50 هزار کان وڌيڪ جوابدار روپوش ۽ فرار آهن، سڀ کان وڌيڪ جوابدر لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آهن.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل ادارن کان وڌيڪ اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
